گولاڙچي ويجهو نوجوان چانهه دير سان ملڻ تي ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو

گولاڙچي (  ن ع آ ) گولاڙچي ويجهو نوجوان چانهه دير سان ملڻ تي ڪاوڙجي ڦاهو کائي ڇڏيو، ڳوٺ عمر پسريو ۾ 18 ورهين جي دلشاد پسريو ڳچي ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ٿو ته صبح جو نوجوان چانهه گهري پر گهر ۾ کير موجود نه هئڻ  سبب چانهه ۾ دير ٿي وئي جنهن تان نوجوان پنهنجي ماءُ سان ڪاوڙجي انتهائي قدم کڻي ڇڏيو، واقعي بعد نوجوان جي امڙ بيهوش ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.