حملي ۾ شهيد سب انسپيڪٽر محمد شاهد جو لياري سان تعلق

ڪراچي: حملي ۾ شهيد ٿيل سب انسپيڪٽر محمد شاهد 1987 ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، هو ايس آر پي يونٽ ۾ هو جڏهن ته اصل لياري جي چاڪيواڙي جو رهواسي هو، ٿاڻي تي مقرر هو، ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ حملي دوران شهيد ٿيندڙ سب انسپيڪٽر محمد شاهد ولد عارف جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي پوليس جي خصوصي دستي شهيد کي سلامي پيش ڪئي. جنازي نماز ۾ صوبائي وزير سعيد غني، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ کان سواءِ پوليس ۽ رينجرز جي سينيئر آفيسرن ۽ شهيد اهلڪار جي وارثن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ شهيد پوليس آفيسر جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي پوليس کاتي لاءِ شهيد جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ جي سنڌ ان موقعي تي شهيد جي وارثن لاءِ پوليس کاتي پاران ملندڙ مراعتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان سمورن ضروري دستاويزن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ڳالهائيندي چيو ته شهيد محمد شاهد پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي هن شهر ۽ ملڪ کي هڪ وڏي دهشتگردي کان بچائي ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.