سياسي ۽ قومپرست پارٽين پاران دهشتگرد واقعي جي مذمت

حيدر آباد (رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي  پنھنجي ڌار ڌار  پريس بيانن ۾ ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ حملي واري عمل جي مذمت ۽ شھيد ٿيلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظھار ڪيو آهي. ھنن چيو اهڙن واقعن جي انتھائي باريڪ بيني سان جاچ ڪري ملوث عناصرن ۽ سندن سھولتڪارن کي وائکو ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي چيوته  عمران خان سرڪار مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي.غير ملڪي ھٿن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.