دهشتگردن کي شهر ۾ ڪٿي به چيڪ نه ڪيو ويو؟

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي شهر ۾ هاءِ الرٽ باوجود دهشتگردن کي شهر ۾ ڪٿي به سيڪيورٽي چيڪ کي منهن نه ڏيڻو پيو؟ دهشتگرد حملي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪراچي ۾ حملو مرڪزي واپاري علائقي ۾ ڪيو ويو، دهشتگرد جنهن ڪار ۾ سوار هئا اها آءِ آءِ چندريگر روڊ کان اسٽاڪ  ايڪسچينج اسٽريٽ ۾ مڙي ويا، ان کان ڪجهه قدمن جي فاصلي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مرڪزي عمارت آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪجهه قدمن جي فاصلي تي آءِ جي سنڌ جي آفيس آهي، ان کان علاوه ملڪ جي اهم ترين بندرگاهه  کان علاوه اهم سرڪاري ۽ نجي ادارن جون آفيسون به چوڌاري موجود آهن، تحقيقات جو زاويو اهو به آهي ته ڪار ۾ چار ئي هٿياربند دهشتگرد هٿيار ۽ گولي بارود سان گڏ اهم ترين شاهراهه ۽ واپاري مرڪز تائين ڪيئن پهتا؟ دهشتگرد ڪٿان آيا ۽ هاءِ الرٽ هئڻ باوجود کين رستي ۾ ڪٿي به ڪنهن سيڪيورٽي چيڪ کي منهن ڇو نه ڏيڻو پيو؟ هيوي بيگ ۽ هٿيارن سميت ڪار ۾ ويٺل اهي دهشتگرد ڏينهن ۾ به ڇو نه نظر اچي سگهيا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.