“را“ دهشتگردن جي پٺڀرائي پئي ڪري: ڊي جي رينجرز

ڪراچي(رپورٽر)  ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل عمر احمد بخاري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪيو. سنڌ رينجرز مان سومر ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي مطابق سيڪيورٽي فورسز طرفان بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تي ڊي جي رينجرز پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شاباسي ڏني، هن چيو ته دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ ”را“ ملوث آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رڳو 10 منٽن ۾ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ملڪ دشمن ايجنسيون ڪوشش ڪري رهيون آهن ته رهيل سهيل دهشتگردن کي پاڪستان خلاف استعمال ڪن، پر اسان واقف آهيون ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، انهن خلاف ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو انٽليجنس جي ناڪامي ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.