شهيد ٿيل سيڪيورٽي گارڊ افتخار ٻن ڏينهن بعد ريٽائر ٿيڻو هو

ڪراچي: حملي ۾ شهيد ٿيل افتخار واحد ٻن ڏينهن بعد رٽائرڊ ٿي رهيو هو، رٽائرمينٽ کان اڳ ئي شهيد ٿي ويو، افتخار واحد عمارت ڀرسان ريلوي ڪالوني ۾ رهندو هو، هن پونئيرن ۾ 2 پٽ، 2 ڌيئرون سوڳوار ڇڏيون، افتخار واحد گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، اصل ڪي پي ڪي جي علائقي دير جو رهواسي هو.

زخمين ۾ 2 شهري به شامل

ڪراچي: حملي آورن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ لياري واسي سب انسپيڪٽر محمد شاهد، سيڪيورٽي گارڊ افتخار، خدايار ۽ حسن علي شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ پوليس اهلڪار سعيد اڪرام، شهزاد احمد، امتياز علي، سيڪيورٽي گارڊ محمد وقاص ۽ 2 شهري عاشق ۽ عامر شامل آهن.

آمريڪي سفارتخاني جي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي سفارتخاني جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. آمريڪي سفارتخاني پارا جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين  جي لاءِ دعاگو آهيون، اسان جو ملڪ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي.

حملي جي ماسٽر مائنڊز تائين به پهچبو،: گهرو وزير اعجاز شاهه

اسلام آباد (م ڊ)  گهرو مامرن واري وفاقي وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ماسٽر مائنڊز تائين به پهچبو ۽ انهن کي به انجام تائين پهچايو ويندو، حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳايو ويو آهي، چار جوان به شهيد ٿيا آهن. سومر تي واقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير ٻڌايو ته سومر تي صبح جو دهشتگردن جيڪي ڪلاشنڪوفن ۽ خودڪار هٿيارن سان ليس هئا، پارڪنگ واسي پاسي کان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن سندن ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي و ٺ ۾ چار ئي دهشتگرد مارجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.