پوليس اهڪار خليل جتوئي ۽رفيق سومرو هيرو قرار

ڪراچي(تجزيو: عدنان هاشمي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل حملي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي ته ضرور الرٽ ڪري ڇڏيو هوندو، جڏهن ته ان حملي کي پاڪستان جي معيشت تي حملو تصور ڪيو پيو وڃي.بي ايل اي جون ڪيتريون ئي ڪارروائيون بلوچستان تائين محدود رهيون، پر ڪراچي ۾ تازي واقعي کان اڳ 23 نومبر 2018 ع ۾ چيني قونصليٽ تي ٿيل حملي بعد بي ايل اي عالمي سطح تي سرخين ۾ جاءِ بڻائي ورتي هئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ چيني قونصليٽ تي ٿيل حملن ۾ دهشتگرد پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا.هاڻ هڪ پاسي چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدي تڪرار عروج تي آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري جنگ به جاري آهي.ڀارت چين کي پنهنجي سرحدن تي جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي ۽ هن پاڪستان ۾ پکڙيل پنهنجي نيٽ ورڪ جي ذريعي چيني مفادن کي نقصان رسائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.تازو حملو ڀارت طرفان چين ڏانهن پيغام به ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن توهان اُتي اسان کي ماريندا ته اسان پاڪستان ۾ توهان جي خلاف ڪارروائيون ڪرڻ جي اهليت رکون ٿا.تازي حملي سان ڀارت هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ پاسي چين ڏانهن پيغام موڪليو ويو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي ته ڀارت هاڻ به پاڪستان ۾ ملڪي مفاد کي نقصان رسائي سگهي ٿو.حملي جي جواب ۾ ڀارت کي به اِهو پيغام ضرور ملي هوندو ته پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پوريءَ طرح هوشيار،  خبردار ۽ ڀارتي سازشن کان آگاهه آهن.اِها ڳالهه به ياد رهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ چين جي شنگهائي گروپ جي وڏي سيڙپ آهي، ان بابت ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون.گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائين ۾ تيزي اچي وئي آهي. پوليس سميت ڪراچي اندر سرڪاري ادارن ۾ ويٺل را جي سليپر سيل کي پڪڙيو ويو آهي. تازي ڪارروائي کان فوري بعد ئي ادارا حرڪت ۾ اچي چڪا هوندا.اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل ناڪام حملي دوران ٻاهر موجود عوام ۾ انتهائي جوش ڏٺو ويو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪنهن ڪارروائي تان واپس موٽندڙ پوليس پارٽي کي ڏسي عوام پرجوش نعرا هنيا. اِهي نعرا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عوام کي پوليس کان ته شڪايتون ضرور آهن پر سٺي ڪم تي هنن کي شاباشي به ڏني ويندي آهي.پاڪستان کي ٻه نوان هيرا ملي ويا آهن، سڄو پاڪستان خليل جتوئي ۽ رفيق سومري کي سندن بهادري تي ساراهي رهيو آهي. حملي کان پوءِ هن وقت تائين سوشل ميڊيا تي ٻئي جوان ڇانيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.