جعلسازي ذريعي ترقيون حاصل ڪندڙ جيل کاتي آفيسرن جي ڊي پي سي روڪي وئي، رڪارڊ طلب

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)گهروکاتي سنڌ جعلسازي ذريعي ترقيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جيل کاتي جي آفيسرن جي ڊي پي سي روڪي ڇڏي آھي،جڏهن ته جيل کاتي جي آءِ جي کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آھي،دستاويزي ثُبوتن موجب جيل کاتي سنڌ ۾ چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل اسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ مان سترهين گريڊ جي ڊپٽي جيل سپرنٽنڊنٽ طور ترقيون ڏيڻ لاءِ سينيارٽي لسٽ تيار ڪري ڊي پي سي رکي وئي،23 جون تي رکيل ڊي پي سي ۾ سمورا پول کُلي ويا جن اسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ کي سترهين گريڊ ۾ ترقيون ڏيارڻ لاءِ سينيارٽي لسٽ پيش ڪئي ويئي انهن سمورن کي آگسٽ 2010ع ۾ چوڏهين گريڊ ۾ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ طور  ڀرتي ڪيو ويو،جيل کاتي 2010ع ۾ ٻاويھ پوسٽن جو اشتهار ڏيئي ڀرسڌيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ درخواستن گهرايون ھُيون،اشتهار جي جي ڪجھ ڏينهن اندر ڄاڻايل پوسٽ کي اپگريڊ ڪري سورهين گريڊ جي پوسٽ ڪيو ويو هو،جنهن تي سڌي ريت ڀرتي نه پئي ٿي سگهي،ان وقت جي گهروکاتي واري سيڪريٽري هڪ سمري ٺاهي اعتراض لڳائي موڪليا هُئا ته هي پوسٽ سورهين گريڊ جي ٿي ويئي آھي ان ڪري سڌي ڀرتي نٿي ڪري سگهجي جنهن بعد ان وقت جي چيف سيڪريٽري سمري تي پيرا نمبر چار لڳائي وڏي وزير کي سمري موڪلي ويئي تي اگر سي ايم چاهي ته چوڏهين گريڊ ۾ اسسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهي ٿو جنهن بعد جيل کاتي سنڌ ٻاويهن سيٽن جي جاءِ تي 39 اسسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ ڀرتي ڪري ڇڏيا،اڳتي هلي سندن سورهين گريڊ ۾ اچڻ وارو مسئلو قانوني طور تي حل نه ٿي سگهيو،نه کين سينيارٽي موجب پروموشن مليا نه ئي وري چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندڙن کان سورهين گريڊ ۾ اچڻ لاء پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪو امتحان ورتو ويو،جڏهن ته سورهين گريڊ ۾ اسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ جي پوسٽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھُجڻ ڪري کين سورهون گريڊ نه ملي سگهيو هو،ڪجھ ڏينهن اڳ جيل کاتي سنڌ ڄاڻايل اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ جي سورهين گريڊ جي بوگس دستاويز لڳائي سينيارٽي لسٽ ٺاهي گهرو کاتي کي موڪلي ۽ سمورن ماڻهن کي پروموشن ڏيڻ لاءِ ڊي پي سي ويهارڻ جي گُذارش ڪئي،اهڙي ڊي پي سي تي ڪجھ کاتي جي ماڻهن اعتراض واريا ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي لکت ۾ چيو ته جيڪي ماڻهون پروموٽ ٿي رهيا آھن انهن جي ڀرتي چوڏهين گريڊ ۾ آھي اهي سترهين گريڊ ۾ ڪيئن ٿا وڃي سگهن جنهن بعد 23 جون تي گهرو کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڊي پي سي ۾ ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي ته بوگس سينئارٽي لسٽ جو پول کُلي ويو ۽ گهرو کاتي واري سيڪريٽري ترقي واري لسٽ تي سخت اعتراض واري آء جيل کاتي جي آء جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي،سرڪاري ذريعن موجب ڊي پي سي واري سمري تي گهرو کاتي واري سيڪريٽري ٽي اعتراض لڳايا آھن ته 14 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندڙ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ لاڳيتو سورهين گريڊ جي پوسٽ جو پگهار ڪهڙي ريت کنيو آھي،هن وقت اهي ماڻهون قانون طور گريڊ چوڏهين ۾ ويٺل آھن ڇاڪاڻ ته ڪٿي به انهن کي سورهون گريڊ نه مليو آھي ته سمورن جو مستقبل ڇا ٿيندو جيڪي 3 اسٽنٽ  سپرنٽنڊنٽ هن کان اڳ پروموٽ ٿي چڪا آھن انهن جو مستقبل ڇا ٿيندو اهڙن اعتراضن بعد گهرو کاتي واري سيڪريٽري سينئارٽي لسٽ جيل کاتي جي آء جي کي واپس اماڻي ڇڏي آھي.

ترقين واري معاملي تي ڪجهه مسئلا آيا آهن: آءِ جي جيلز

ڪراچي:جيل کاتي سنڌ جي آءِ جي قاضي نظير عوامي آواز سان ڳالهائيندي ان ڳالھه جي تصديق ڪئي ته اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ جي ترقين واري معاملي تي ڪجھ مسئلا آيا آھن ان ڪري ترقين کي روڪيو ويو آھي،هن چيو ته ڪجهھ ماڻهن درخواستون ڏنيون آھن ته انهن جو حق ماري ٻين کي پروموٽ ڪيو پيو وڃي ان سميت ڪجھ ٻيا مونجهارا آيا آھن انهن کي حل ڪيو ويندو،هڪ سوال ته چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندڙ ماڻهن کي بنا پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ يا سينئارٽي موجب سورهون گريڊ نه ملڻ جي باوجود سڌي ريت سترهون گريڊ ڪيئن ٿو ملي سگهي جي جواب ۾ جيل کاتي جي آءِجي قاضي نظير چيو ته توهان منهنجي واتان جيڪو چورائڻ چاهيو ٿا اهو نٿو چوان باقي مون پنهنجو موقف ڏيئي ڇڏيو آھي .

لسٽ ۾ 52 ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش

ڪراچي:گهرو کاتي سنڌ پاران جعلسازي ذريعي پروموشن حاصل ڪندڙ جي پڪڙيل لسٽ ۾ مجموعي طور تي 52 ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھُئي،سرڪاري ذريعن موجب لسٽ ۾ 32 چوڏهين گريڊ جا اسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ جن کي چوڏهين مان سترهون گريڊ ۽  ويھ آفيسرز اهڙا ھُئا جن جا ڪيڊر تبديل ڪري کين به سپرنٽنڊنٽ مان ڊپٽي طور تي ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي،هوڏانهن گهرو کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ کي بار بار ڪال ڪرڻ باوجود هن فون اٽينڊ نه ڪئي.

اپگريڊ ٿيڻ جي 8 مهينن بعد اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ واپس 14 گريڊ ۾ ڀرتي!

ڪراچي:جيل کاتي سنڌ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ جي پوسٽ چوڏهين گريڊ مان سورهين گريڊ ۾ اپگريڊ ٿي وڃڻ جي اٺن مهينن کان پوءِ وري چوڏهين ئي گريڊ ۾ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو جنهن سبب سندن مستقبل داءُ تي لڳل آھي ڇاڪاڻ ته سورهين گريڊ جي پوسٽ جيل کاتي ۾ آفيسر جي پوسٽ ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي پوسٽ آھي ان ڪري هن وقت سمورا اسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ پريشاني جو شڪار آھن دستاويزن موجب اهي ڀرتي ٿي وڃڻ بعد پگهار به سورهين گريڊ جو کڻندا رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.