هڪ دهشتگرد بم اڇلائي رهيو هو ۽ ٻئي فائرنگ پئي ڪئي

ڪراچي ( رپورٽر ) اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ حصو وٺندڙ هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو ته هڪ دهشتگرد بم اڇلائي رهيو هو ۽ ٻيو فائرنگ ڪري رهيو هو. دهشتگردن سان پهرين ريپيڊ رسپانس فورس  جو مقابلو ٿيو، ريپيڊ رسپانس فورس جي اهلڪار ٻڌايو ته هن جي هٿان هڪ دهشتگرد مارجي ويو. پوليس اختيارين موجب دهشتگردن کي مک دروازي تي ئي ماريو ويو، هو عمارت ۾ داخل نه ٿي سگهيا.

“ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڪيئن ليٽايو ويو”، فوٽيجز پڌرا

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا آهن، جن ۾ حملو ڪندڙن جي گاڏي ٻاهر اچي بيهي ٿي ۽ دهشتگردن کي سيڪيورٽي گارڊن تي فائرنگ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد کي زمين تي ڪرندو ڏٺو وڃي ٿو، سيڪيورٽي گارڊن حملو ڪندڙن جي گاڏي تي به فائرنگ ڪئي .

علي امين گنڊاپور ۽ فضل الرحمان جي پٽ ۾ لفظي جنگ

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪشميري معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ۽ مولانا فضل الرحمان جو پٽ مولانا اسعد محمود هڪٻئي جي سامهون اچي ويا، تقرير دوران  اسعد معمود چيو ته ڪشمير ڪميٽي 10 سال جي يو آءِ وٽ رهي، جيستائين مولانا فضل الرحمان چيئرمين هو  ڪنهن کي ڪشمير جو سودو ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، هن چيو ته ڪشمير جي معاملن جو وزير ٻڌائي ته والاريل ڪشمير جي گادي واري هنڌ جو نالو ڪهڙو آهي، اها خبر ناهي ته کڻي ازاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ جو نالو ٻڌائي، هن جي خطاب دوران علي امين گنڊا پور چڙي پيو ۽ مداخلت ڪندي چوڻ لڳو ته مولانا بابت وڪي ليڪس جا انڪشاف اسان جي سامهون آهن، ڪشميري مولانا فضل الرحمان کان نفرت ڪن ٿا،مولانا پنهنجي دور ۾ لکيل هڪ ليٽر ڏيکاري ڇڏي، هو ڊي آءِ خان ۾ لسي پي رهيو آهي، منهنجو ڪردار هي آهي ته آئون هتي آهيان، ان تي مولانا اسعد چيو ته جناب اسپيڪر اوهان جي طرفان اهو جواب ڏئي رهيو آهي، جنهن آئون چئلينج قبول ڪري چڪو آهيان، هن چيو ته ماکي جون بوتلون ڪنهن جي گاڏي مان نڪتيون هيون سڀني کي خبر آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.