شهيد ڪيل ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جي قتل واري واقعي جو جرڳو:70 لک ڏنڊ

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو)ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جي قتل واري واقعي جو جرڳو، جوبدار تي 70 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، راڌڻ ۾ ٽائون چيئرمين ۽ ڳورڙ برادري جي سربراھه دستگير ڳورڙ جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪيس جي مک جوابدار مٿان 70 لک ڏنڊ وڌو ويو،  اڌ رقم پنج تاريخ تي جڏهن ته ڪيس مان نالو خارج ٿيڻ بعد باقي رقم ڏني ويندي. 13 جنوري تي هٿياربندن هٿان شهيد ڪيل ممتاز ڳورڙ جي جرڳي ۾ پٽ ۽ ٻن ڀائرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين وارثن ۽ پارٽي قيادت کي پڻ بيخبر رکيو ويو. ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جي قتل جي 8 جوابدارن مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 6 ڄڻن کي نامينيٽ ڪيو ويو هو جنهن جي مک جوابدار بهادر ڳورڙ جيل وڃڻ کان اڳ ئي جرڳي ذريعي صلح ڪري ورتي آهي. ضلعي اڳواڻ درياهه خان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي جرڳي بابت وارثن طرفان ڪا ڄاڻ ناهي ملي سوشل ميڊيا ۽ مختلف دوستن پاران ٻڌايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.