ملير لڳ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان جي قتل ٿيڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

ملير /گڏاپ (نمائندن وٽان) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد پيرسرهندي ڳوٺ لڳ گذريل ڏينهن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ  تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيندڙ نوجوان خانزيب جوکيو جي واقعي جو ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود شاهه لطيف پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي داخل نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان جي وارثن ۽ معززن سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ميمبر مجاهد جوکيو، سليم سالار سميت سوين ڳوٺاڻا پيرسرهندي ڳوٺ کان قومي شاهراهه رزاق آباد تائين پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مڇريل نوجوانن قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب قومي شاهراهه ٺٽو ڪراچي ٻن ڪلاڪن تائين بند ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون جڏهن ته نوجوانن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، ايم پي اي ساجد جوکيو ڳوٺاڻن سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو ان دوران پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو فون ذريعي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪري صورتحال بابت ٻڌايو جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪم تي ڊي ايس پي ملير سٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ ٻين معززين سان گڏ شاهه لطيف ٿاڻي پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، ان کان اڳ ڌرڻي واري هنڌ صحافين سان ڳالهائيندي ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته ملير جون ٻهراڙيون بدامني جي ور چڙهي ويون آهن، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، علائقي جي پوليس رڳو ڀتاخوري ۾ پوري آهي، ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب واقعا ٿي رهيا آهن، ساجد جوکيو چيو ته ايس پي ملير خلاف وڏي وزير کي شڪايت ڪندس، ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرائي ويندي مقتول نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو. جڏهن ته علائقن جي  معززن سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ميمبر مجاهد جوکيو، سليم سالار چيو ته ملير پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، شاهه لطيف ٿاڻي جو ايس ايڇ او رڳو ڀتاخوري ۾ مصروف آهي، نوجوان جي قتل کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن شاهه لطيف پوليس حد بندي جو ڄاڻائي ڪيس داخل نه ڪيو آهي، هنن چيو ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون ۽ ايس پي ملير خلاف ڪارروائي ڪري واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.