اسپتال ۽ اسڪولن کي ڪورونا سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ واري درخواست منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  لياري جنرل اسپتال سميت ٻن تعليمي  ادارن کي ڪورونا سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظورڪري ورتي آهي .ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ڪئي ويندي . درخواست گذار مسلم ليگ ن جي عبدالله دشتي پنهنجي موقف ۾ چيو ته لياري اسپتال علائقي جي واحد اسپتال آهي جيڪا 500 بيڊن تي ٻڌل آهي ان ۾ مختلف شعبا موجود آهي پر ڪورونا سينٽر قائم ڪرڻ جي ڪري ٻين مريضن کي سهولتون نه ملي رهيون آهي .جڏهن ته سنڌحڪومت ميرايوب اسڪول ۽ انٽر ميڊيٽ گرلز ڪاليج کي به ڪوروناسينٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي .درخواست گذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو ميديڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر انجم رحمان کي ڪوروناسينٽرجو انچارج مقررڪيو ويو آهي ان تي ڪرپشن جا الزام آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.