دهشتگردن وٽ گهڻي عرصي تائين وڙهڻ جو سامان هو: سي ٽي ڊي انچارج

ڪراچي ( رپورٽر ) سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جو حملو آپگهاتي حملي جي طرز جو هو، جنهن ۾ حملو جيئري واپسي مشن ۾ شامل  نه هئي. جوابدارن وٽ گهڻي عرصي تائين وڙهڻ جو سامان هو. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ دستي بم، جديد هٿيار،پاڻي جون بوتلون، ڀڳل چڻا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان مان لڳي ٿو ته دهشتگردن جو اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيڻ بعد گهڻي عرصي تائين وڙهڻ جو پلان هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.