وفاق لاءِ ٽيڪس نه اوڳاڙڻ جو اعلان، ترقياتي بجيٽ گهٽائي زراعت بچائينداسين:مراد علي شاهه 

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  پهرين جولاءِ کان وفاق لاءِ ٽيڪس نه اوڳاڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وانگر ماڪڙ کي به سنجيده نه ٿي وٺي، سنڌ جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته زراعت کي بچائڻ لاءِ ترقياتي اسيڪمن جا پئسا ڪٽڻا پيا ته به ڪٽيا ويندا، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ هر حد تائين وينداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه پاران ماڪڙ بابت پيش ڪيل مهملي واري رٿ تي پاليسي بيان ڏيندي ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ماڪڙ صرف هارين جو مسئلو نه آهي، اهو فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، ان باوجود به وفاقي حڪومت ان کي سنجيده نه ٿي وٺي، وفاقي وزير پاران ڪورونا وانگر ماڪڙ سان مقابلي جي بيان کانپوءِ ماڪڙ ۾ خوشي جي لهر آهي، هن چيو ته هاڻ سنڌ سرڪار به وفاق لاءِ ٽيڪس جمع نه ڪندي، ان لاءِ ايڪسائيز واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس نه وٺڻ بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري، هن چيو ته ايوان ۾ ڳالهيون ڪيون ويون ته وڏيون گاڏيون ورتيون آهن هاڻ عدالت ۾ 5 سالن جو سنڌ سرڪار سميت پوري ملڪ ۾ خريد ڪيل گاڏين جو رڪارڊ رکنداسين، هن چيو ته پئٽرول بم به عوام مٿان ڪيرايو ويو آهي، اهو ظلم آهي، پئٽروليم ليوي غيرآئيني آهي، وفاقي سرڪار عوام کي بلڪل ئي دفن ڪرڻ چاهي ٿي ڇا؟ ، هن چيو ته هڪ عشائيه ۾ وٺ پڪڙ ڪري ماڻهو جمع ڪيا ويا، ٻين کي مشورا ڏيندڙ هاڻ پاڻ گهٻرائين پيا، ملڪ جو عوام به هاڻي موجوده حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي، هاڻ ان کي وڌيڪ برداشت نه ڪندو، جڏهن سچ ڳالهائيندا آهيون ته پوءِ اسان کي چيو ويندو آهي ته آرٽيڪل 149 لڳايو ويندو، انهن ڳالهين سان هاڻي پريشان ٿيڻ وارا نه آهيون، وڏي وزير چيو ته  وفاقي حڪومت ماڪڙ جي مسئلي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي، سنڌ سرڪار صوبي جي عوام  سان گڏ بيٺل آهي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، باقي ڪجهه ماڻهو رهن ۽ کائين پيئن سنڌ جو ٿا پر بدنام به سنڌ ڪري رهيا آهن، انهن کي وفاق کان به سوال ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو ڳالهائيندي چيو ته ماڪڙ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 10 ڀيرو وڌيڪ شديد حملو ڪندي، آئين تحت وفاق کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچائي، وزيراعظم کي ملڪ جي آبادگارن جو ڪو به احساس نه آهي، مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته وفاقي حڪومت ته پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي پر سنڌ سرڪار 12 سالن ۾ ماڪڙ لاءِ ڪهڙي پاليسي ٺاهي يا ڪم ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه  چيو ته ملڪ جون واڳون درست حڪمرانن جي هٿ ۾ نه هجڻ ڪري سنڌ جو آبادگار سٽجي رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سونامي ۾ ڪورونا ۽ ماڪڙ آئي آهي، وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري  غلطين تي پردو رکڻ بدران عوام جا حقيقي مسئلا حل ڪري، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته  قدرتي ماڪڙ فصلن کي کاڌو آهي ٻي ماڪڙ آهي، جنهن سنڌ کي کاڌو آهي، ان جي ڳولا آهي،  جڏهن ته مهملي واري رٿ تي غلام قادر چانڊيو، سدره عمران، راڻا همير سنگهه، رفيق ٻانڀڻ، عبدالباري پتافي، عديل احمد ۽ ضياءَ عباس شاهه خطاب ڪيو.  ان کانپوءِ اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته  سنڌ اسيمبليءَ  ۾ دي اسٽيمپ سنڌ ترميمي بل 2020ع جي رپورٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ تدريسي اسپتالون مئنيجمينٽ بورڊ قائم وارو ترميمي بل تعارف لاءِ پيش ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.