وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو، توهان جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺندو رهندو: قريشي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سڄي قوم ۽ هي ايوان وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، حڪومت جي پرواهه نه آهي، نظريي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نقطن جا جواب ڏيندي هن چيو ته جڏهن به مراد سعيد ايوان ۾ بيهندو آهي مخالف ڌر جا ميمبر ٻاهر هليا ويندا آهن، هن چيو ته اڄ هن ايوان ۾ سڀ عمران خان جي نظريي سان گڏ بيٺل آهن، نظريي تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان ڇو استعيفيٰ ڏي، ان کي هن ايوان جو اعتماد حاصل آهي، عوام ان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، توهان ملڪ لٽيو اسان نوٽيس وٺڻ بند ڪريون؟ توهان ڪميشن کائو، توهان مني لانڊرنگ ڪريو، اسان نوٽيس وٺڻ بند ڪريون؟ عمران خان آيو ئي نوٽيس وٺڻ لاءِ آهي، هن چيو ته بجيٽ تي وڌيڪ بحث جي گنجائش نه آهي، انهن وٽ اڪثريت آهي ته ثابت ڪن. کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.