مراد سعيد جو بلاول ڀٽو کي مناظري ۽ اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي  اجلاس ۾ بلاول ڀٽو طرفان وزير اعظم عمران خان ۽ وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪرڻ جي جواب ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد بلاول ڀٽو کي مناظري ڪرڻ ۽ اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج ڏنو آهي، مراد سعيد قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀٽو جو اصل وارث بلاول ڀٽو نه پر فاطمه ڀٽو آهي، فاطمه ڀٽو جو ڪتاب پڙهي وٺو ته اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته بلاول مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري، جتي چاهي، جنهن وقت چاهي بحث لاءِ تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ ۾ جنهن به تڪ تان  چونڊ وڙهي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.