ڪاليجن ۾ سيٽون وڌائڻ ۽ 2200 نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ  ٽيڪنيڪل سيٽون وڌائڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن  ڏانهن سفارش اماڻڻ ۽  22 سو نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،  ڪالهه صحت کاتي جي حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽرعذرا پيچوهو جي سربراهي ۾ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽ ۾  ٿيو، جنهن ۾ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري سيد حسن نقوي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ڊائو ميڊِڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي سميت صحت ۽ ناڻي کاتي لاڳاپيل آفيسرن پاران شرڪت ڪئي وئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه پاران صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته صوبائي حڪومت صوبي جي اسپتالن ۾ آئي سي يو ۽ ايڇ ڊي يوز جي تعداد کي وڌائي رھي آھي ان لاءِ کاتو اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪري. ممتاز علي شاه صحت کاتي جي سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته 2200 ڊاڪٽرن جي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين ڏانهن سمري اماڻي وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن جون ڀرتيون ڪيون وڃن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پاران لاڳاپيل اختيارين کي اها به هدايت ڪئي ته تازو ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جون پگھارون جاري ڪيون وڃن. ان موقعي تي ميڊيڪل يونيورسٽين جي فنڊن بابت به اختيارين پاران اجلاس ۾ معاملو اٿاريو ويو جنهن تي چيف سيڪريٽري پاران ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا جيڪي به فنڊ روڪيا ويا هئا اهي جلد جاري ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.