لياريءَ ۾ بجلي لوڊ شيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي قديم وسندي لياري ۾ اڻ  اعلانيل لوڊشيڊنگ جي خلاف لياري عوامي محاذ پاران چاڪيواڙا عوامي پارڪ  کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،جنهن ۾ لياري واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف شديد نعريبازي ڪئي.مظاهرو ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو فوري طور ڪنٽرول سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هوته 22 لکن جي آبادي تي ٻڌل  لياري  جي اڪثريتي آبادي  پورهيتن تي ٻڌل آهي،ڪي اليڪٽرڪ پاران روزانو  ڏهن کان ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، خاص ڪري پورهيو ڪندڙ تمام گهڻا پريشان آهن ۽ اهي ننڊ پوري نه ڪرڻ سبب محنت مزدوري ڪري نٿا سگهن.انڪري شهرين وٽ ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف  احتجاج  کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي.ڪي اليڪٽرڪ  رات جو دير سان سخت گرمي  جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جون ننڊون حرام ڪيون  آهن،جنهن سبب ڪيترائي رهواسي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ  لياري سميت ڪراچي ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. مظاهرو ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي لياري جي عوام سان روئي جي مذمت ڪندي چيو ته فوري طور تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي،ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس جو گهيراءَ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.