ڪو به اتحادي وفاقي حڪومت کان ناراض ناهي: گورنر

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)گورنر سنڌ عمران اسماعيل عمرڪوٽ پھچي  بس اسٽينڊ عمرڪوٽ لڳ احساس ڪفالت سيلاني لنگرخاني جو افتتاح ڪيو گورنر لنگرخاني جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاقي حڪومت سان ڪو اتحادي ناراض ناھي اجايو واويلا ڪئي پئي وڃي ھن چيو ته پيرپاڳاري سان مون ملاقات ڪئي پير صاحب ڪا ڊمانڊ ڪو مطالبو نه رکيو پر ميڊيا خبرون ھلايون ته پير پاڳارو ناراض ھو جڏھن ته اھڙي ڪا ڳالھ ناھي ھن چيو ته نواز ليگ جا اڳواڻ شھباز شريف ۽ ٻيا اوستائين ٺيڪ نه ٿيندا جيستائين نيب انھن خلاف حرڪت ۾ ھوندي اھي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا آھن ھن چيو ته عمرڪوٽ کي سوئي گئس ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالھائيندس روڊ به ضروري آهي، جڏھن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس نرسز پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهار جاري نه ٿيڻ واري عمل خلاف گورنر جي گاڏي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان کان اڳ  آئيسوليشن وارڊ جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.