نيو سعيد آباد جي نصيبان باگڙي جي اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) نيو سعيد آباد جي سول سوسائٽي ۽ هندو باگڙي برادري پاران باگڙي برادري جي 14 سالن جي ناري نصيبان باگڙي کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽائن ۽ شادي ڪرڻ واري واقعي خلاف ارجن باگڙي، سترام باگڙي، شاگرد اڳواڻ علي عاجز، علي احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيوته سنڌ ۾ اقليتي برادري جي نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ وارا واقعا سوچيل سمجهيل سازش آهن جنهن سبب سنڌ ۾ رهندڙ اقليتي برادري جنهن ۾ خاص طرح هندو برادري سخت عدم تحفظ جو شڪار آهن. هنن چيو ته زوري مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ پاڪستان جي قانون جي لتاڙ آهي  پر ان باجود انتها پسندن جي پٺڀرائي سبب ان قسم جا واقعا رڪجي نه سگهيا آهن. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو 14 سالن جي ناري نصيبان باگڙي کي بازياب ڪرائي باگڙي برادري سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.