آءِ بي اي سکر جو وي سي ميرٽ تي رکيو وڃي: سانا

آسٽن(پ ر) سانا پاران آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وي سي جي ميرٽ تي مقرري جو مطالبو   ،سنڌي ايسو سي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا ) جي صدر محمد علي مهر  آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي نئين وي سي  جي مقرري خاص ميرٽ جي بنياد تي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، سانا جي صدر پاران جاري بيان ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وي سي لاءِ  سنڌ حڪومت پاران نااهل اميدوار ڀرتي ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ ڪوششن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ، محمد علي مهر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ادارا راتون رات وجود ۾ نه ايندا آهن نه ئي ڪنهن جادو سان جوڙيا ويندا آهن، انهن ادارن جي پويان ماڻهن  جي اڻٿڪ محنت ۽ ڏينهن رات جي جدوجهد شامل هوندي آهي ، هن چيو ته جنهن ماڻهو هن اداري کي ٺاهيو آهي ان پنهنجي رت ان ۾ شامل ڪئي آهي ، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر پروفيسر نثار صديقي جو اهڙو خواب هو جنهن جي تعميل هن پنهنجي سخت پورهئي سان ڪئي ، هن چيو ته هو  پروفيسر نثار صديقي جي محنتن تي پاڻي ڦيرڻ نه ڏيندا ، هن مطالبو ڪيو ته اداري ۾ اهل ۽ لائق وي سي  کي ڀرتي ڪري سندس روح کي سڪون پهچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.