داد لغاري ويجهو ڏير  پسٽل جا فائر ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

 

داد لغاري ويجهو ڳوٺ عبدالرزاق  پتافي ۾ جوابدار منوھر پتافي  پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائي 35 ورهين جي مسمات عائشا کي قتل ڪري ڇڏيو ، پسٽل جا فائر لڳڻ ڪري پير بخش پتافي جي گھر واري مسمات عائشا ٿڏي تي  فوت ٿي  وئي، واقعي بعد پوليس پھچي وئي،  لاش پوسٽ ماٽم  لاء سول اسپتال  ميرپور  ماٿيلو پهچايو ويو  جڏهن ته قتل ٿيل عورت جي مڙس ٻڌايو ته سندس  ڀاء منور پتافي جواري قسم جو ماڻهوَ آهي جيڪو گھر ۾ ننڍين وڏين ڳالهين تي جھيڙا پڻ ڪندو ھو ، گذريل ڏينهن گھر ۾ ڀائرن وچ ۾ ٿيل تڪرار تي منور پسٽل جا فاير ڪري سندس گھر واري کي قتل ڪيو آهي جڏهن ته ايس ايڇ او داد لغاري ٻڌايو ته جوابدار منور پتافي تي مختلف ڏوھن جا اڳ به ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.

رپورٽ- امجد لغاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.