سرحد ۾ بااثر پاران شهر ۾ مبينا غيرقانوني اڏاوت ڪرائڻ تان ڇڪتاڻ

سرحد ۾ بااثر وڏيري پاران شهر ۾ مبينا غير قانوني اڏاوت ڪرائڻ تان محليدارن منير مهر،منظور مهر ۽  ٻين سان ڇڪتاڻ وڌي وئي،ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جا سوين ماڻهو هڪ ٻئي جي هٿين پئجي ويا، جنهن بعد شهرين ۽ پوليس پهچي جھيڙي کي روڪرايو ۽ مبينا قبضي واري جھگه تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، ڪجھ وقت ڪم بند رهڻ کانپوءِ بااثر پاران ٻيهر ڪم شروع ڪرايو ويو، محليدارن پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو  ته دڪانن جي زمين جو کاتو ئي ناهي ۽ هي سرڪاري گھٽي آهي جنهن تي هي بااثر وڏيرو پنهنجي  ماڻهن سان گڏجي زوري دڪان ٺهرائي رهيو آهي، پوليس جي منع ڪرڻ باوجود ٻيهر ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو اٿس، هنن مطالبو ڪيو ته انتظاميه معاملي جو نوٽيس وٺي غير قانوني تعمير کي بند ڪرائي

رپورٽ- اعجاز دايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.