ٺري ميرواهه: ڪورونا کان بچاءَ جو طبي سامان بنيادي صحت مرڪز حوالي

 

پي ٽي آء ضلعي خيرپور جي اڳواڻن پاران گورنر سنڌ عمران اسماعيل طرفان ڪورونا کان بچاء  جو موڪليل طبي سامان  رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواه ۾ ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شر ۽  پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڏنو ويو. جتي ضلعي خيرپور جي صدر سيد غلام شاھ،  ڊاڪٽر اي بي شر. اسلم رضا شر. ڊاڪٽر واجد مهر، علي مردان شر. ذوالفقار علي، نيڪ محمد پنهيار، شوڪت ڀنڊ. عبدالحفيظ ٻگهيو. امجد ابڙو، ارشد علي مغل، وحيد رند ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  گورنر سنڌ طرفان صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ عملي لاء حفاظتي سامان موڪليو ويو آهي  جنهن ۾ پي پي ڪٽس، ماسڪ، سينيٽائيزر، گلووز. بسڪٽ ۽ ٻيو حفاظتي سامان شامل آهي ، هنن چيو ته  هن وقت ڪورونا جي ڪري ڏکيون حالتون ٿي ويون آھن،  انشا الله ان موضي مرض مان جلد جان آجي ٿيندي.

رپورٽ-ايم صالح شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.