حيدرآباد: شادي هال بند رکڻ واري عمل خلاف مالڪن ۽ مزدورن جو احتجاج

 

حيدرآباد ۾ قائم شادي هال کلي نه سگهيا، ڪرونا سبب حڪومت جي شادي هال بند رکڻ واري عمل خلاف شادي هال جي مالڪن ۽ مزدورن هٿن ۾ سڪيون مانيون کڻي ٻارڙن سميت حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته جتي سڄي پاڪستان توڙي سنڌ جا ڪاروباري ادارا کوليا ويا آهن، اتي شادي هال کولڻ جي اجازت نه ڏيڻ وڏي ناجائزي آهي. هنن چيو ته گذريل چئن مهينن کان سندن روزگار بند پيو آهي، جنهن سبب هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته هو ڏهاڙي ڪمائڻ وارا آهن، روزگار بند ٿيڻ ڪري سندن گهرن ۾ فاقاڪشي جنم وٺي وئي آهي. هنن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته ٻين صنعتي ادارن جيان شادي هال کولي غريب مسڪين مزدورن ۽ مالڪن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ- حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.