ڏهرڪي:گهوٽڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جا طوفاني دورا

گهوٽڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر  پاران  مختلف يوسين ۾ طوفاني دورا  ڪري آر او پلانٽن سميت 23 اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ويو ،  ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر  انهن جي ڳوٺن تي وڏو احسان ڪيو آهي، ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جنھن ڳوٺن ۾ اسان پاڻي جا آور پلانٽ ڏنا آھن انهن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي خراب ھجڻ سبب ڳوٺاڻا بيمارين ۾ مبتلا  ٿيندا رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته مون کي پيپلز پارٽي مان شڪايت آھي ته ان جا اڳواڻ سندس ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، ان موقعي تي ھزار خان مھر لال خان مھر مير خان مھر امداد خان مھر ۽ ٻيا اتحادي پڻ گڏ ھئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.