ٿر ۾ ماڪڙ اهميت اختيار ڪري وئي

غازي بجير

ماڪڙ هن وقت سڄي ملڪ لاءِ مسئلو بڻيل آهي، پر خاص ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڪڙن تباهيون مچائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ڪافي مهينن کان لٿل ماڪڙن جي ڪٽڪن آبادگارن جا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب سنڌ جا ڪافي ضلعا متاثر ٿيا آهن، ماڪڙن جي خاتمي لاءِ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت سنجيده نظر نه ٿيون اچن، جنهن سبب ماڪڙن کي ختم ڪرڻ بدران انهن تي به سياست ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت ماڪڙن جي خاتمي لاءِ وفاق تي تعاون نه ڪرڻ جا الزام هڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت موجب ته وفاقي حڪومت ماڪڙن جي خاتمي لاءِ جهاز سميت اسپري ۽ دوائون فراهم نٿي ڪري، وفاق ماڪڙن جي خاتمي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل پئسا نٿو ڏئي، وفاق ۽ صوبو سنڌ ماڪڙن جي خاتمي بدران هڪ ٻئي تي الزام بازي ڪندي نظر اچن ٿا ته ٻئي پاسي ماڪڙن جي لوڌ آبادگارن جو وڏو نقصان ڪيو آهي، ماڪڙن فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن.

ماڪڙ جي حوالي سان ڳالھ ڪنداسين، سنڌ جي پُٺتي پيل خطي ٿرپارڪر جي ته اُتي هڪ پاسي ڏُڪاري حالتون آهن ته ٻئي پاسي ماڪڙن جي لٿل ڪٽڪن وڻ ٻوٽا کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن، گذريل سال وسڪاري دوران ماڪڙن ٿرين جو سمورو فصل کائي چٽ ڪيو، ٿر ۾ پوکيل فصل کائي ماڪڙن ختم ڪيا، جنهن سبب آبادگارن کي تمام وڏو نقصان ٿيو، غريب ٿري هارين پاران وياج تي ٻڄ کڻي فصل پوکيو ويو هو، جنهن ۾ ٻاجهر، گوار، تر ۽ ڪورڙ سميت باقي فصلن کي ماڪڙن کائي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگار سراسر سراپاءُ احتجاج رهيا، جنهن دوران رڳو انتظاميا نالي ماتر اسپري ڪري ٽوٽل پورو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت اهو راڳ آلاپيندي نظر آئي ته حڪومت وٽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ وسيلا ناهن، وفاق مدد نٿو ڪري، اهڙي شڪايتن بعد وفاقي حڪومت هڪ ٽُٽل ڦُٽل کٽارا جهاز به موڪلي ڏنو، پر اُهو ڪم نه آيو، جيڪو عمرڪوٽ ڀرسان بيٺي ڪاڙهي ۾ ڳري ويو، اُنهيءَ جون نوجوان وڊيوز ٺاهي، ان کي مذاق بڻائي رهيا هئا، ڇو تہ جهاز هو به ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ جهڙو، پر حڪومت عام گاڏين ذريعي ماڪڙ مار اسپري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ پوري ٿر ۾ آخر تائين ماڪڙن جو خاتمو نه اچي سگهيو، ماڪڙ شروع کان انڊيا جي علائقي مان ٿر ۾ داخل ٿي، جنهن شروعاتي مرحلي ۾ ڇاڇري، ڏاهلي ۽ ننگرپارڪر جي علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن بعد هو سڄي ٿر ۽ بعد ۾ سنڌ ۾ پکڙجي وئي، ماڪڙ جا مڪڙا جتان گذريا اُتي ننڍن ٻچن کي جنم ڏيندا ويا، جيڪي بعد ۾ وڏا ٿيندا پئي ويا، پهرين اُڏامندڙ ماڪڙن تباهي مچائي، اُنهي بعد پيدا ٿيل اُنهن ماڪڙن جي ٻچن ايتري تباهي مچائي جو هُو روڊن رستن تي هلندي گهرن توڙي شهرن اندر ولرن جي صورت ۾ داخل ٿيندا پئي ويا، ننڍي ماڪڙ جنهن کي ڪھ چيو ويندو آهي، اُنهيءَ ۾ اُڏامڻ جي سگھ نه هجڻ ڪري اُهو ڪيڙن ماڪوڙين وانگر زمين ڍڪي هلندي نظر آچي ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هن وقت به ماڪڙن جا ولر گهمي رهيا آهن، جيڪي وڻن سميت ٻوٽن کي کائي ختم ڪري رهيا آهن، ماڪڙن ٿري غريب مارو ماڻهن جو تمام وڏو نقصان ڪيو آهي، ماڪڙن جي پيدا ٿيڻ بعد اِهو ٽرينڊ هليو ته ماڪڙ پچائي کاڌي طور استعمال ڪيا وڃن ڇو ته ماڪڙن ۾ انرجي موجود آهي، ماڪڙ صحت لاءِ بهتر آهن، ائين هلندي اُها ڳالھ سنڌ اسيمبلي جي فلور تائين پهتي، جتي به ڪافي وزيرن دعويٰ ڪئي ته اسان ماڪڙ پچائي استعمال ڪيا آهن. تمام گهڻا ذائقيدار آهن، جن کي استعمال ڪيو وڃي، پوءِ ته ماڪڙن جون ڪڙهايون پچڻ شروع ٿيون، باقائده هڪ ٽرينڊ هليو، ماڻهن ڪٽن جا ڪٽا ڀري ماڪڙن کي پچائي سڪائي رکيو ۽ استعمال بہ ڪيو، پر ان جي باوجود ماڪڙن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ورتو، ويتر ماڪڙ وڌي ويا، اهي اڄ به موجود آهن، سو ماڪڙ ڪو ننڍي مقدار ۾ ته هئا ڪونه جو ختم ٿين، ڪروڙن جي ولرن سان لهندڙ ماڪڙن سموري علائقي ۾ وڏي تباهي مچائي، تباهي به ايتري مچائي جو ماڪڙن وڻن جا ڇوڏا به کائي وڻ ختم ڪري ڇڏيا، ٿر ۾ ديوي جو وڻ تمام زهريلو ۽ کارو آهي، پر ماڪڙن انهي وڻن جي ٽارين جا به ڇوڏا (کلون) لاهي کائي وڻ ٺوٺ ڪري ڇڏيا.

هن وقت رڳو ٿر نه پر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ماڪڙن تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، جنهن سبب ماڪڙن کي حڪومت سنجيدہ وٺڻ بدران مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، روز نوان چرچا سامهون اچي رهيا آهن، صوبائي وزير چون ٿا ماڪڙ کائڻ لاءِ ڀلا آهن، ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته ڪورونا جو علاج ماڪڙن ۾ موجود آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، پر ٿر پارڪر ضلعي جي انتظاميا ماڪڙن جي خاتمي جو حل ڳولي ورتو آهي، گذريل ڏينهن ڊي سي ٿرپارڪر ۽ ايگريڪلچر کاتي جو هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٿر ۾ ماڪڙن جي خريداري جا سينٽر کوليا وڃن، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ۽ ڊي جي ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ ڪائونسل عطاءُ الله، ضلعي ۾  ماڪڙ خريد ڪرڻ لاءِ 12 سينٽر کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سينٽرن تي ماڪڙ في ڪلو 15 روپين ۾ خريد ڪياويندا، جنهن جي خريداري پهرين جولاءِ کان شروع ڪئي ويندي، ضلعي انتظاميا ۽ ايگريڪلچر کاتي ماڪڙ جي خريداري لاءِ ڇاڇرو، ڏاهلي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٻه 2 سينٽر ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ هڪ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 10 سماجي تنظيمون به ماڪڙ خريد ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪنديون، سينٽرن تي زنده يا مري ويل ماڪڙ خريد ڪيا ويندا، ٿري ماڻهو ماڪڙ پڪڙي وڪرو ڪري سگهندا، هي فيصلو انوکو ڪيو ويو آهي، هن تي ڪيتري بجيٽ رکي وئي آهي، ڇا سسٽم آهي، اهو اڃا تائين فائينل ناهي ڪيو ويو، پر هن فيصلي تحت هڪ اهو فائدو ضرور ٿيندو ته ٿري بيروزگار مارو ماڻهو ماڪڙ پڪڙي وڪرو ڪري هڪ نئون روزگار شروع ڪندا، هن ڪيل فيصلي تي هڪ طرف تنقيد ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف ٿر واسي خوشي جو اظهار به ڪري رهيا آهن، ماڪڙ پڪڙي وڪرو ڪرڻ سان اُنهن جو روزگار کلندو، هاڻي اهو ماڪڙ ايڏي وڏي مقدار ۾ خريد ڪرڻ بعد انتظاميا اُنهن کي ڪيڏانهن ڪندي اڳتي ڪهڙي استعمال هيٺ آڻيندي، ان بابت ته ناهي ٻڌايو ويو، پر ٿري ٻهراڙين جا ماڻهو ماڪڙن جي ڳولا ۾ لڳي ويا آهن.

اهڙو فيصلو ڪري ڄڻ انتظاميا هر تير ۾ ٻه شڪار ڪيا آهن، جيڪي ماڻهو ماڪڙ جي خاتمي لاءِ پيا دانهيندا هئا، هاڻي اهي ماڪڙ ماري وڪرو ڪري پيا خوش ٿيندا ۽ ماڪڙ جي هجڻ جي ڪا دانهن نه ٿيندي، ٻيو ته جيڪڏهن ماڻهو ڏينهن رات ماڪڙ کي مارڻ وارو ڪم ڪندا ته آخرڪار ماڪڙ جو خاتمو به اچي ويندو، اسين سمجهون ٿا ته ٿر اندر هاڻي ماڪڙ جو خير ناهي. هن سموري لکڻي جو مقصد اَهو آهي ته ٿر ۾ هاڻي ماڪڙ اهميت اختيار ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري اچو ته ماڪڙ پڪڙي روزگار ڪجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.