انگلينڊ پهچندڙ قومي ڪرڪيٽرن ۽ اسٽاف جو ٽيسٽنگ عمل مڪمل

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پهچندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ اسٽاف جي ڪورونا ٽيسٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو.

انگلينڊ پهچندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ ٻئي اسٽاف جي ڪورونا ٽيسٽنگ مڪمل ٿي وئي.

گذريل ڏينهن چارٽر جهاز ۾ مانچسٽر لاءِ اڏام ڀريندڙ 18 ڪرڪيٽرن ۽ 11 اسپورٽس اسٽاف ميمبر پهرين ٽيسٽ جي رپورٽ ناڪاري اچڻ بعد لاهور جي مقامي هوٽل ۾ ٺاهيل بائيو سيڪيور ماحول ۾ اچي ويا هئا، جتي ٻي ٽيسٽنگ ناڪاري اچڻ بعد کين چارٽر جهاز تي سوار ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ريزرو مان روحيل نذير ۽ محمد موسيٰ کي به ڪليئرنس کانپوءِ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

پاڪستان ۾ محمد حفيط جو پي سي بي تحت ٽيسٽ هاڪاري ۽ خانگي ليبارٽري ۾ ناڪاري آيو، بعد ۾ پي سي بي جي اهتمام هيٺ ٻي ٽيسٽ جو نتيجو به ناڪاري آيو جڏهن ته وهاب رياض کان به اهو ئي عمل ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.