سون جو اگهه بي لغام، ملڪ ۾ في تولو 1 لک 4400 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ وارو سلسلو جاري آهي.

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ وڌيڪ 1600 رپين جي واڌ ٿي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ 4400 رپيا ٿي وئي.

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو قدر 1372 رپيا واڌ سان 89506 رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر جي واڌ سان 1772 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.