افغان صوبي هلمند ۾ ڪار بم ڌماڪو ۽ راڪيٽ حملو، 23 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏکڻ صوبي هلمند جي بازار ۾ ڪار بم ڌماڪي ۽ راڪيٽ حملي سبب ٻارن سميت 23 ڄڻا مارجي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان صوبي هلمند جي ضلعي سنگين جي زول بازار ۾ ميلي تي 4 راڪيٽ فائر ڪيا ويا.

صوبائي گورنر جي آفيس مان جاري بيان موجب دهشتگردن زور بازار ۾ پهرين 4 راڪيٽ فائر ڪيا جنهن کان پوءِ ساڳئي مقام تي ڌماڪي سان گاڏي کي اڏايو ويو.

ڪار بم ڌماڪي ۽ راڪيٽ حملن ۾ ٻارن سميت 23 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

هلمند ۾ ٿيل ڌماڪن جي ذميواري هن وقت تائين ڪنهن گروپ قبول ناهي ڪئي جڏهن ته افغان طالبان به واقعي کان لاتعلق جو اعلان ڪيو ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز کي حملي جو ذميواري قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.