سارا خان فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊرامن جي ناليواري اداڪارا سارا علي خان فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته مان مختصر ڪپڙا نٿي پائي سگهان.

من موهڻي اداڪارا سارا علي خان کي ٽي وي انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارائن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، هن کي نه رڳو خوبصورتي ۽ اداڪاريءَ سبب ماڻهو پسند ڪندا آهن پر سندس شمار انڊسٽريءَ ۾ تڪرارن کان پري رهندڙ فنڪارن ۾ به ٿيندو آهي.

”ديوارِ شب، ميري بي وفا، تمهاري هين، تم ميري هو، استاني جي، ميري همدم“ سميت ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ سارا علي خان کان هڪ ٽي وي شو دوران ڊرامن ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو.

اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪجهه اصول آهن، جيڪي مان ڪڏهن به ٽوڙڻ نٿي چاهيان، مون کي فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿيندي آهي پر انڪار ڪندي آهيان، ڇو ته مان غير اخلاقي منظر عسڪبند نٿي ڪرائي سگهان ۽ نه ئي مختصر ڪپڙا پائي سگهان ٿي.

سارا علي خان جو چوڻ هو ته اهي منهنجا واضح اصول آهي، جيڪي ڪڏهن به نه ٽوڙينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.