ڪورونا وائرس سبب عالمي سطح تي فوتين جو انگ 5 لکن کان وڌي ويو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب عالمي سطح تي فوت ٿيندڙن جو انگ 5 لکن کان وڌي ويو.

آمريڪا جي جان هاپڪنز يونيورسٽي جي تازن انگن اکرن موجب ڪووڊ 19 سبب سڄي دنيا ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ هن وقت 5 لک 2 هزار جي ويجهو آهي.

انگن اکرن موجب دنيا ۾ هيل تائين ان وبا سان متاثر ٿيندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ هڪ لک 50 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.

ڪورونا وائرس سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آمريڪا آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 25 لک 50 هزارن تائين آهي، جڏهن ته اتي وبا سبب هڪ لک 26 هزارن جي ويجهو ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.