ڌاٻيجي :ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

 

ڌاٻيجي ۾ گذريل ڏينهن ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  بيگناھ قتل ٿيل نوجوان خانزيب جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر آصف جوکيو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي الهبچايو ڪلمتي سول سوسائٽي جي مصطفي چانڊيو پ پ جي شير زمان جوکيو .افضل سالار،مقصود جوکيو ،جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهر و ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملير جي پرامن ضلعي ۾ ڏينهن ڏٺي جو نوجوان کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پر اڃان تائين ملير جي پوليس حد بندي جو چڪر ڄاڻائي ڪيس به داخل ناهي ڪري سگهي، هنن آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي ته نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري   انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ-مقصود جوکيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.