ٽنڊو جان محمد جي رهواسڻ پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ٽنڊو جان محمد لڳ ديھ ھڪ سئو چورانوي جي رهواسڻ عورت نسرين ناز ميڊيا سينٽر  پنهنجن ٻارن سان گڏ پهچي ڳوٺ جي بااثرن خلاف دانهيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ هن جي  مڙس شاهد حسين کان طلاق ٿي آھي  هن ڳوٺ ۾ سعيد آرائين کان هڪ لک ويھه ھزار ۾ پلاٽ ورتو آھي،  ڳوٺ جا بااثر وڏيرا هاڻي کيس ان پلاٽ تي اچڻ ڪون پيا ڏين،  اڄ صبح جو رازا وٺي پلاٽ تي گهر ٺاهڻ لاء  وئي ته بااثرن مزورن ۽ رازن کي ڀڄائي ڪڍيو،  اهڙي دانهن کڻي ٿاڻي تي پهتس ته  ڳوٺ جا بااثر وڏيرا  اتي پهچي ويا کيس بدنام ڪرڻ لاء وڏيون وڏيون تحمتون هڻي هليا ويا،  هن وس وارن ۽ ڊي آء جي ميرپور خاص ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته هن سان انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ-علي احمد جروار

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.