ڀارت ۾ مونکي هٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي: نيپالي وزير اعظم

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال جي وزيراعظم ڪي پي سرما اولي ڀارت تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته مونکي هٽائڻ لاءِ سياسي حريف سان گڏجي سازش ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪي پي شرما اولي هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي چيو ته مونکي اقتدار مان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهي ڪامياب نه ٿيندا، آئون ڳجهي تحريڪ جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، سفارتخانن ۽ هوٽلن ۾ مختلف قسمن جون سرگرميون ٿينديون رهنديون آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن اوهان نئين دهلي ميڊيا کي ٻڌي رهيا آهيو ته اوهان کي ان جو اشارو ملي ويندو. نيپالي وزيراعظم جو بيان پارليامينٽ پاران ليپوليک جابلو، ڪالاپاني ۽ ليمياڌورا کي پنهنجي نقشي ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري جي هڪ هفتي بعد آيو آهي. نقشي ۾ شامل اهي علائقا ڀارت ۽ نيپال جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جو بنيادي سبب آهن.

نيپالي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اوهان سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته نيپالي قوم ڪمزور ناهي جو ٻاهرين طاقت ان تي هٿ وجهي سگهي، اسان پنهنجي نقشي کي تبديل ڪري چڪا آهيون ۽ جيڪڏهن ملڪ جي وزيراعظم کي هٽايو ٿو وڃي ته اهو نيپال لاءِ ناقابلي فهم هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.