ناڻي واري وزارت آڊٽ رپورٽ ۾ ڪرپشن واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت موجوده حڪومت جي پهرين آڊٽ ۾ مالي سال 19-2018ع ۾ سرڪاري کاتن ۽ وزارتن طرفان 270 ارب رپين جي ڪرپشن ۽ گهوٻين جي انڪشاف تي ٻڌل رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو.

انهن رپورٽن کي بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ غلط قرار ڏيندي ناڻي واري وزارت هڪ سرڪاري بيان ۾ مالي سال 20-2019ع جي آڊٽ رپورٽ، سمورين آڊٽ رپورٽس جيان شروعاتي مشاهدن تي ٻڌل آهي.

پريس ريليز ۾ چيو ويو ته حڪومتي ادارن طرفان مختلف معاملن جي دوران رسمي مرحلن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪجهه خامين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ٻين معاملن ۾ آڊٽ ٽيمن کي ڪجهه دستاويزن جي فراهمي ۾ مختلف ڪوتاهين بابت ٻڌايو ويو آهي پر ان مان اِهو نتيجو ڪڍڻ هر خامي بدعنواني جي برابر آهي ته اِهو غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي.

ان ۾ چيو ويو ته ناڻي واري وازرت اِهو واضح ڪري ٿي ته آڊٽ رپورٽس پنهنجي نوعيت جي تحت ضابطي ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ اِهو ڪرپشن جو ثبوت ناهي، رڳو ” بدعنواني جو حتمي ثبوت“جهڙو ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪيترن ئي فورمز تي ان آڊٽ رپورٽس تي مڪمل طور تي غور ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ کاتي واريون آڊٽ ڪمپنيون ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيون شامل آهن جتي وزيرن ۽ ٻين حڪومتي ادارن کي پنهنجي ڪيسن جو دفاع ڪرڻ ۽ طريقيڪار ۾ موجود ڪوتاهين کي پري ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.

ناڻي واري وزارت چيو ته مثال طور تي گذريل سالن ۾ ميڊيا طرفان شايع ڪيل پهرين جي آڊٽ رپورٽن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته مالي سال 19-2018 ۾ خرچن بابت آڊٽ پيراز رڳو 270 ارب رپين جون آهن جڏهن ته مالي سال 16-2015ع، مالي سال 17-2016 ۽ مالي سال 18-2017 جي آڊٽ رپورٽس ۾ خرچن بابت آڊٽ پيراز ترتيبوار 32 کرب رپيا، 58 کرب رپيا ۽ 15 کرب 70 ارب رپيا هئا.

پڌرائي ۾ چيو ويو ته ناڻي واري وزارت پريس جي ڪجهه تڪن طرفان مالي سال 19-2018 جي آڊٽ رپورٽ جي بنياد تي پيش ڪيل گمراهه ڪندڙ نتيجن کي رد ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.