ماڊل ٽائون سانحو: نئين جي آءِ ٽي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس جي نئين گڏيل جاچ ڪميٽي (جي آءِ ٽي) جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جي لاءِ چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ قاسم خان جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ۾ سينيئر ترين جج جسٽس امير ڀٽي، جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان، جسٽس عاليه نيلم، جسٽس اسجد جاويد گورال، جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس فاروق حيدر شامل آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ ماڊل ٽائون سانحي جي نئين جي آءِ ٽي جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 3 جولاءِ کان ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.