گڏيل قومن جي گاڏي اندر جنسي لاڳاپن واري ويڊيو اختيارين جون متيون منجهائي ڇڏيون

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ گڏيل قومن جي گاڏي ۾ ” جنسي لاڳاپن“ واري فوٽيج وائرل ٿيڻ بعد ڳڻتي ڇائنجي وئي.

بي بي سي جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسرائيل جي مرڪزي شهر تل ابيب جي مرڪزي روڊ تي گڏيل قومن جي خاص نشان واري گاڏي جي پٺئين سيٽ تي ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهريل عورت هڪ شخص سان جنسي لاڳاپي ۾ آهي.

گڏيل قومن جي اختيارين چيو ته هو فوٽيج ڏسي ” حيران ۽ پريشان“ آهن.

هن چيو ته هو واقعي جي جاچ ڪري رهيو ۽ ويڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪنداسين.

گڏيل قومن موجب ويڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهو اسرائيل ۾ امن مشن آرگنائزيشن جي عملي جو ميمبر ٿو لڳي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجرڪ چيو ته 18 سيڪنڊن واري ويڊيو ۾ ڏسيو ويندڙ انتهائي وڻ وڻندڙ آهي.

هن چيو ته اهڙي قسم جو رويو ان هر شئي جي خلاف آهي جنهن جي لاءِ سان بيٺا آهيون.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته جنسي فعل گڏيل آهي يا ان ۾ ادائيگي شامل آهي؟ ان تي اسٽيفن ڊوجرڪ چيو ته انهن سوالن جا جواب هو جاچ کان پوءِ ئي ڏئي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.