”بهادر قوم جي سهڪار سان دهشتگردن جي هر ڪوشش ناڪام بڻائينداسين“

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پنهنجي بهادر قوم جي سهڪار سان دهشتگردن جي هر ڪوشش ناڪام بڻائينداسين.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي خراج پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي گارڊن پنهنجون حياتيون داءَ تي لڳائي دهشتگردن کي روڪيو ۽ وقت سر ڪارروائي سان دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو تڪڙو ردعمل به ساراهه جوڳو آهي، رينجرز ۽ سنڌ پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪري مختصر وقت ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪيو.

هن چيو ته پنهنجي بهادر قوم جي سهڪار سان دهشتگردن جي هر ڪوشش ناڪام بڻائينداسين، ملڪ ۾ امن شهيدن جي وڏين قربانين جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.