”جيستائين زراعت جو بنياد ٺيڪ نه ٿيندو هي ملڪ اڳتي ترقي نه ڪري سگهندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صنعت ۽ واپار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ اسان فنانس بل بابت ترميمون پيش ڪرڻ ۽ انهن کي منظور ڪرڻ لاءِ موجود آهيون.

حماد اظهر چيو ته سخت حالتون آهن، ميمبرن ماسڪ پاتا آهن ۽ شيلڊز به هنيا آهن، اڄ آئون اميد ڪري رهيو هوس ته ايوان ۾ گڏيل ڳالهيون ٿينديون پر هر هر مخالف ڌر طرفان ذاتي حملا ڪيا ويا.

هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر جو اِهو حال آهي جو ملڪ وبا جو شڪار آهي ۽ اِها ايوان جي ان قيمتي وقت ۾ جتي پوري ملڪ جي قيادت موجود آهي اُتي ذاتي حملا ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ تيل جي قيمتن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته اسان دنيا جو اُهو ملڪ هئاسين جتي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

حماد اظهر چيو ته اڄ جڏهن تيل جي قيمت پنهنجي هيٺين پوائٽ کان ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي وئي آهي ته قيمت ٻيهر وڌي آهي جنهن کي عالمي مارڪيٽ تحت ڪيو ويو.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيستائين زراعت جو بنياد ٺيڪ نه ٿيندو هي ملڪ اڳتي ترقي نه ڪري سگهندو.

وفاقي وزير چيو ته فنانس بل ۾ پيش ڪيل ترميمن ۾ ٻن ۽ ٽن ٽائرن واري گاڏين ۽ ٽرڪن بابت ترميمون موجود آهن جيڪي تاريخي آهن.

حماد اظهر چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ کي وبا مان ڪڍڻ چاهيون ٿا ته ان کي ٽيڪس فري بجيٽ تي متفق ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ٽيڪس فري بجيٽ آئي هجي جو هڪ ڪروڙ 60 لک گهراڻن کي فائدو رسائڻ جا ذريعا موجود آهن، 30 لک واپارين جا 3 مهينن جا بجلي بل ادا ڪيا پيا وڃن.

مولانا اسد محمود ۽ علي امين گنڊاپور ۾ تڪرار:

اجلاس دوران متحده مجلس عمل (ايم ايم اي) جي مولانا اسد محمود ۽ پي ٽي آءِ جي علي امين گنڊاپور جي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي.

بجيٽ رد ڪندي مولانا اسد محمود حڪومت جي ڪارڪردگي سميت ڪشميرين جي مسئلن بابت حڪومت تي به تنقيد ڪئي.

بعد ۾ وفاقي بجيٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.