والاريل ڪشمير ۾ قابض فورسز وڌيڪ 3 نوجوانن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي اسلام آباد جي علائقي روني پورا ۾ قابض ڀارتي فوج آپريشن ۽ گهر گهر جهڙتي جي آڙ ۾ علائقي جو گهيرو ڪيو، ان دوران 3 نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

ڪي ايم ايس ٻڌايو ته قابض فوج طرفان آپريشن اڃا تائين جاري آهي، جنهن سبب ضلعي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل آهي، جڏهن ته علائقي جا اندريان ۽ ٻاهريان رستا به مڪمل طور بند آهن.

واضح رهي ته 26 جون تي پڻ والاريل ڪشمير ۾ قابض فورسز پلواما ۽ اسلام آباد ضلعي ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.