لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 7 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 7 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي.

شهباز شريف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ 3 هفتا آرام جي صلاح ڏني آهي، تنهن ڪري عبوري ضمانت ۾ 3 هفتا واڌ ڪئي وڃي ۽ ضمانتي مچلڪن تي صحيح لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

عدالت جي پڇاڻي تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته سندس اصيل ڪورونا سبب آئسوليشن ۾ آهي ۽ ڇو ته هو ڪينسر جو مريض آهي، تنهن ڪري ان جي ريڪوري آهستي آهستي ٿيندي آهي، 14 ڏينهن گذرڻ باوجود شهباز شريف کي ڪورونا جون علامتون آهن.

عدالت سوال ڪيو ته ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ 7 ڏينهن هئا، انهن 7 ڏينهن ۾ مچلڪن تي صحيح ڇو نه ڪرائي وئي.

وڪيل چيو ته شهباز شريف کي صحيح لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ اچڻو هو پر سندس ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي، سندس ميڊيڪل رپورٽن کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته 9 جون تي نيب شهباز شريف کي گهرايو ۽ هو پيش ٿيو هو، هڪ سال ٻه مهينا ٿي ويا آهن پر نيب مني لانڊرنگ جو ريفرنس داخل نه پيو ڪري.

عدالت شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 7 جولاءِ تائين واڌ ڪندي 2 جولاءِ تي انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ سائنسز مان ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ به 7 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.