شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس ۾ ٻه ڀينرون به شامل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي حڪومتي فهرست ۾ ٻه ڀينرن جو نالو به شامل آهي.

ذريعن موجب شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي فهرست ۾ 115 نمبر تي ٻن ڀينرن ارم مسعود ۽ مريم مسعود جو نالو به شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀيڻن جو فلائنگ لائسنس شڪي قرار ڏنو ويو آهي، ارم مسعود ۽ مريم مسعود هڪ ئي وقت بوئنگ 777 جهاز اڏائي ريڪارڊ پڻ قائم ڪيو هو.

ذريعن موجب پائلٽ مريم مسعود کي اڳ ئي گرائونڊ ڪري انڪوائري ڪئي پئي وڃي، مريم مسعود گلگت ۾ جهاز جي لينڊنگ ۾ غفلت ڪئي هئي، جنهن سبب جهاز رن وي تان لهي ويو هو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو هو.

پي آءِ اي ترجمان طرفان ٻنهي عورت پائلٽس کي جهاز اڏائڻ کان روڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.