کپرو : 2ڄڻن کي جڙتو مقابلن ۾ مارڻ ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

 

کپرو ۾ سروري جماعت ۽ علي حيدر رونجهو جدوجهد  ڪميٽي جي سڏ تي اڄ سوين ماڻهن پاران عدالتي حڪم باوجود شهري علي حيدر رونجهو ۽ سومار مهر کي جڙتو پوليس مقابلن ۾ مارڻ ۽ ملوث جوابدارن تي ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، سروري جماعت جي جي،ايم، هنگورجو، خادم سروري،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي  اويس رونجهو، قاضي خدا بخش درس، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڪبر مري، عوامي تحريڪ جي ذوالفقار مري،سماجي اڳواڻ محمد حيات سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کپرو واھ موڙ وٽان سوين ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ۽ جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي کي  خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تـ ٻن نوجوانن کي پوليس کنڀي لاڪپ ۾ رکي ڪوڙن مقابلن ۾ قتل ڪري ٿي اسان جي حڪومت کي اهو ناحق نظر نٿو اچي ، ڪورٽ سڳوري جڏهن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ٿي تـ  حڪم کي ٿڏي ڇڏي ٿي،  انهن چتاء ڏنو تـ ڪيس داخل نـ ٿيو تـ 5 جولاء تي ٻيهر احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

رپورٽ- عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.