”عمران خان بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چئي پر اسامه بن لادن شهيد آ“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چئي سگهي پر اسامه بن لادن کي شهيد چيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي پاڪستان کي نظر پيو اچي ته وزير اعظم وٽ رڳو 2 آپشنز آهن، وزير اعظم مڃي وٺي ته هو غلط آهي معافي گهري ته هن غلط فيصلا ڪيا، هن ملڪ کي ۽ سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيو، هر پاڪستان جي صحت کي خطري ۾ وڌو ويو ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جوا علان ڪري يا وري وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ گهر وڃي جيئن ڪنهن قابل انسان کي اِهو ڪم ڏئي سگهجي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته بجيٽ تقرير ۾ پيٽرول جي گهٽتائي جي ذريعي ريليف ڏيڻ جو چيو ويو آهي پر بجيٽ پاس ٿيڻ کان 2 ڏينهن پهرين ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو.

هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ مخالف ڌر ۾ هئي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت کي پيٽروليم ليوي بابت وڏا وڏا ليڪچر ڏيندي هئي پر هڪ عالمي وبا دوران عوام کي ريليف پهچائڻو ته پيٽروليم ليوي جو بم ڪيرايو ويو، جنهن سان هر پاڪستاني جي کيسي تي ڌاڙو هنيو ويو.

بلاول ڀٽو چيو ته اِهو غير قانوني آهي ڇو ته جيڪو ڪم آئل اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي ڪرڻو اُهو وزارت ڪيو، ان کان رڳو پيٽرول وڪرو ڪندڙن ڪمپنين کي فائدو مليو آهي.

هن چيو ته  اِهو پاڻ کي تحريڪ انصاف ڪيئن ٿا چون جڏهن عوام تي ايترو ظلم ٿا ڪن، هي پنهنجي عوام کي شڪل ڪيئن ڏيکاريندا ۽ پنهنجي تڪن ۾ ڪيئن ويندا.

بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن وزير اعظم دوائن تي نوٽيس ورتو ته انهن جي قيمت ۾ 500 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، ڪورونا جي شروع ۾ ماسڪس تي نوٽيس ورتو ته ماسڪ جو ڊٻو 150 رپين جو ملندو هو هاڻ 1500 رپين ۾ ملي ٿو.

هن چيو ته وزير اعظم اٽي ۽ کنڊ تي نوٽيس ورتو ته اُهي شيون مهانگيون ٿي ويون ته بهتر آهي وزير اعظم پنهنجي پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکي ۽ ڪنهن به شئي تي نوٽيس نه وٺي ڪا تقرير نه ڪري.

هن چيو ته ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي جاچ تي تنقيد ڪندي چيو ته پائليٽس جي ڪوڙي ڊگري جو الزام هڻي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن(پي آءِ اي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) کي خانگائڻ پيا چاهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته انهن پائليٽس کي جهاز ۾ هئڻ ئي نه گهربو هو ڪورونا دوران اڏامن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها ۽ پوءِ چون ٿا ته هو ڪورونا وائرس تي ڳالهائي رهيا هئا.

بلاول ڀٽو پي ايس ايڪس تي حملي جي مذمت ڪئي، هن چيو ته ڪراچي ۾ بيروزگار جي ڪري امن ۽ امان جا مسئلا وڌندا، هن وقت ڪراچي جي عذاب ۾ آهي ڪي اليڪٽرڪ ماڻهن جو رت چوسي ڇڏيو آهي هو بلن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ به ڪري رهيا آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته انهن سڀني ۽ مسلم ليگ ن کي به معاف ڪرڻ گهرجي، وزير اعظم، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چئي سگهي پر اسامه بن لادن کي شهيد ٿا چون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.