لياري ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو،نعري بازي

ڪراچي جي قديم وسندي لياري ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي خلاف لياري عوامي محاذ پاران چاڪيواڙا عوامي پارڪ  کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،جنهن ۾ لياري واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف شديد نعريبازي ڪئي.مظاهرو ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو فوري طور ڪنٽرول سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هوته 22 لکن جي آبادي تي ٻڌل  لياري  جي اڪثريتي آبادي  پورهيتن تي ٻڌل آهي،ڪي اليڪٽرڪ پاران روزانو  ڏهن کان ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، خاص ڪري پورهيو ڪندڙ تمام گهڻو پريشان آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.