پيٽرول بحران: 3 نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين تي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وڌيڪ ٽن نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پيٽرول بحران جو ذميوار قرار ڏيندي انهن تي مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

اوگرا ترجمان موجب نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين تي 50-20 لک رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو آهي، جيڪا رقم مجموعي طور تي ڏيڍ ڪروڙ رپيا آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته اوگرا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ انهن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پيٽرول کوٽ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.