”ميمبرن کي خاطري ٿو ڪرايان ته ڪورونا ۾ ورتل ڪو به ميمبر ايوان ۾ ناهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته آئون حڪومتي ميمبرن کي خاطري ڪرائڻ چاهيندس اڄ (29 جون) ايوان ۾ ڪورونا جو شڪار ڪو به ميمبر موجود ناهي.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان جي علم ۾ اِها ڳالهه آئي آهي ته حڪومتي ميمبر ڪورونا وائرس جي شڪار حڪومتي ميمبر کي اسيمبلي ۾ آندو آهي، هن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو ووٽنگ جي وقت هتي موجود هجي.

خواجا آصف چيو ته منهنجي يا 342 ماڻهن جي تحفظ جي ڳالهه ناهي، اڄ سڄو پاڪستان بجيٽ اجلاس کي ڏسي رهيو آهي جيڪڏهن قوم کي پيغام ويو ته پنهنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ، جيڪڏهن پنهنجي بجيٽ کي پاس ڪرائڻ لاءِ ڪورونا جي شڪار ميمبرن کي ايوان ۾ آندو ويو ته اِها جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي توهين هوندي.

هن اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اڄ ۽ سڀاڻي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ميمبر شريڪ نه ٿين.

خواجا آصف چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي وڌيڪ نقصان رسائڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت 100 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي آهي، ان سان نه رڳو پيٽرول تي اثر پوندو پر هي هاڻ گيس ۽ بجلي تي به بم ڪيرائيندا.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ الزام هنيو ته حڪومت ٽيرفس ۾ تبديلي جي لاءِ ليڪوويڊيٽرز سان واعدا ڪيا آهن.

خواجا آصف چيو ته بجيٽ هڪ عبوري دستاويز آهي، اسان مزاحمت ڪنداسين ۽ ان جي مخالفت ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن جي حملن جا اطلاع مليا آهن جنهن ۾ چار ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جڏهن هڪ پوليس اهلڪار ۽ شهري شهيد ٿيا، آئون ان تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيان ٿو.

هن چيو ته 2013ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي بازار گرم هئي، پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ مختلف آپريشنز جو آغاز ڪيو وي جنهن ۾ سوات آپريشن ٿيو هو جنهن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي.

خواجا آصف چيو ته گذريل 7 کان 8 سالن ۾ اسان جي رينجرز، پوليس ۽ فوج جي قربانين ۽ شهادتن، انهن حملن ۾ شهيد ٿيلن جي قربانين جي ڪري دهشتگردي ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي پر اڄوڪو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ وزيرستان ۾ ڪيپٽن جي شهادت  ٿي هئي ته منهنجو خيال آهي ته اِها جنگ ختم ناهي ٿي ۽ دهشتگردن جي خلاف اِها جنگ جاري آهي.

خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ تي هن ايوان ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي بينچن به احتجاج ڪيو.

هن چيو ته پهرين شين جي کوٽ پيدا ڪئي وئي ڇو ته حڪومت ۽ منافعي خورن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ هئي ۽ جڏهن اگهه وڌيا ته ملڪ ۾ پيٽرول ملڻ شروع ٿي ويو.

خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار هئا ۽ ملڪ جي 50 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ هلي وئي.

فواد چوڌري جو خواجا آصف جي خطاب تي اعتراض:

اجلاس دوران فواد چوڌري مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ خواجا آصف جي مخالف ڌر اڳواڻ طور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته هو اسيمبلي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ان حوالي سان رولنگ ڏيڻ جو چيو جنهن تي اسد قيصر چيو ته اِهو مخالف ڌر جو اندريون معاملو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.