پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ناڪام، چارئي دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پوليس موجب سومر جي صبح لڳ ڀڳ 10 وڳي 4 دهشتگردن اڳ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي گيٽ تي دستي بم حملو ڪيو ۽ پوءِ انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي آپريشن شروع ڪري ڏنو. اختيارين جو چوڻ هو ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي اڳتي ئي ماريو ويو ۽ دهشتگرد اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ داخل نه ٿي سگهيا.پوليس ترجمان موجب دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس سب انسپيڪٽر ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جا 2 سيڪيورٽي گارڊ به شهيد ٿيا، ان کانسواءِ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ويجهن علائقن جو مڪمل گهيرو ڪري ورتو ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ميري ويدر ٽاور ۽ شاهين ڪامپليڪس کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.حملي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ، گورنر عمران اسماعيل سخت مذمت ڪندي رپورٽ گهرائي ورتي ،سنڌ رينجرز جي ترجمان به  واقعي جي مذمت ڪندي آپريشن ۾ سمورا دهشتگرد مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.