قاسم سليماني جي قتل تي ڊونلڊ ٽرمپ جا گرفتاري وارنٽ جاري

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جنرل قاسم سليماني جي قتل خلاف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ آمريڪي صدر جي گرفتاري لاءِ انٽرپول کان به مدد گهري وئي آهي.

ايراني ميڊيا موجب ايراني پراسيڪيوٽر علي القاسيمهر جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين 30 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف 3 جنوري جي حملي جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن ماڻهن تي جنرل قاسم سليماني جي قتل ۽ دهشتگردي جا الزام لڳايا ويا آهن.

پراسيڪيوٽر موجب ايران ٽرمپ ۽ ٻين ماڻهن جي گرفتاري لاءِ انٽرپول کي ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست به ڪئي آهي.

هوڏانهن انٽرپول اهڙي خبر تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.

واضح رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ بغداد ايئرپورٽ ڀرسان آمريڪي ڊرون حملي ۾ ايراني فوج جي القدس بريگيڊ جو سربراهه جنرل قاسم سليماني ساٿين سميت مارجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.